SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World War II

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • ər
  • ii
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World War II

ورلڊ وار ٽُو

ٻي مهاڀاري لڙائي

ٻي مهاڀاري لڙائي 1939ع کان 1945ع تائين وڙهي وئي، جنهن ۾ هڪ طرف ’اتحادي ڌر‘ طور آمريڪا، فرانس برطانيا، روس، پولنڊ، چين، ڪئناڊا ،آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڏکڻ آفريقا، يوگوسلاويه، ناروي، نيدرلئنڊس، بيلجيم ۽ يونان وغيره شامل هئا ۽ ٻئي پاسي ’محوري طاقتن‘ ۾ جرمني، جپان اٽلي، هنگري، رومانيا، بلغاريا، فنلئنڊ، عراق، ٿائيلئنڊ، مانچوڪو، ڪروشيا ۽ سلواڪيا وغيره هئا. ’مڪمل لڙائيءَ‘ (Total War) جي شڪل ۾ شروع ٿيل هن تڪرار ۾، ٻنهي ڌرين پنهنجون سڀ معاشي، سائنسي، صنعتي ۽ انساني صلاحيتون داءَ تي لڳائي ڇڏيون ۽ ان ۾ 100 ملين انسانن حصو ورتو. جنگ جي شروعات 01- سيپٽمبر 1939ع تي جرمنيءَ جي پاران اتحادي ڌُرين کان بنا پُڇئي پولينڊ تي قبضو ڪرڻ سان ٿي، ان کان سواءِ جرمنيءَ مٿان مڙهيل ورسيلز جو سخت ٺاهه، جرمنيءَ پاران پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ مليل هار جي بدلي وٺڻ جو خواب، يورپ ۾ آمريتي حڪومتن ۾ واڌ ۽ جاپاني سامراجيت جو ڦهلاءُ پڻ ٻي عالمي جنگ جا مک سبب هيا. لڙائيءَ دوران معاهدن ۽ طاقت جي زور تي جرمني هڪ طرف اڌ يورپ تي قابض ٿي ويو، ته ٻئي پاسي سندس اتحادي جاپان پئسيفڪ سمنڊ جي علائقي ۾ تباهيون مچائي ڇڏيون. ايئن ٿي لڳو ته ’محوري فوجن‘ کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي. پر جون 1941ع ۾ روس تي جرمن حملي کان پوءِ روسي فوجن پاران سخت مهاڏي سبب لڙائيءَ جو رخ بدلجڻ لڳو. 1942ع ۾ اسٽالن گراڊ ۾ جرمن فوج کي مليل شڪست کان پوءِ آفريقا، پئسيفڪ، اتر يورپ ۽ فرانس ۾ سوڀن سميت اٽليءَ تي اتحادين جو قبضو ٿي ويو ۽ روسي فوجون جرمنيءَ ۾ داخل ٿي ويون. 12 سيبٽمبر 1945ع تي ايشيا ۾ جاپان تي آمريڪا جي طرفان ائٽم بم ڪيرائڻ کان پوءِ جاپاني هار جي نتيجي ۾ آخرڪار جنگ جو خاتمو ممڪن ٿيو. هن جنگ ۾ 50 ملين ماڻهو ماريا ويا. 40 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ 2000 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. جنگ جي نتيجي ۾ نه رڳو دنيا جو جاگرافيائي سياسي ۽ سماجي نڪ نقشو نه مٽجي ويو، پر عالمي امن لاءِ اڳڀرائيءَ جي سلسلي ۾ سنجيده ڪوششون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ’گڏيل قومن‘ جي اداري جو وجود پيو. ان کان سواءِ بين الاقوامي سياسي سرشتي ۾ اڳوڻين عالمي طاقتن جي جڳهه تي سوويت يونين ۽ آمريڪا دنيا جا ’سپر پاور‘ ٿي اڀريا، ايندڙ 46 سالن تائين ’سرد جنگ‘ جو مرحلو شروع ٿيو، آفريقا ۽ ايشيا مان بيٺڪيت جو خاتمو ۽ غلام قومن جي آزادي ممڪن ٿي ۽ يورپ ۾ سهڪار جو ماحول جڙيو. جنهن ڪري يورپ نه رڳو جنگ ۾ ٿيل نقصانن جو ازالو ڪيو، پر اڳتي هلي يورپي کنڊ ۾ سياسي ڳانڍاپو کي به ممڪن ڪيو


Remember Me Also:

چانيسري

اسم خاص. تعلقي کپري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal